ليبيا(ويب ڊيسڪ)ليبيا جي اڳوڻي اڳواڻ معمر قذافي جو پٽ سيف الاسلام قذافي مارجي ويو آهي.قذافي خاندان جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي ته سيف الاسلام قذافي مارجي ويو آهي.عرب ميڊيا موجب، سيف الاسلام قذافي کي چار ماڻهن قتل ڪيو، کيس هڪ باغ ۾ گولي هڻي ماريو ويو، جنهن کان پوءِ شڪي ماڻهو فرار ٿي ويا.ليبيا جي سرڪاري نيوز ايجنسي لانا سندس صلاحڪار عبدالله عثمان جو حوالو ڏيندي سندس موت جي تصديق ڪئي. سيف الاسلام کي ڊگهي عرصي کان سندس پيءُ جو جانشين سمجهيو ويندو هو. 2021 ۾، هن صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو، پر اهي چونڊون غير معینہ مدت تائين ملتوي ڪيون ويون.










