پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت خاص مددگار شفيع جان چيو آهي ته نام نهاد معاشي ٽيم جي ناڪام پاليسين ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو عوام تي معاشي ظلم آهي. اطلاعات بابت خاص مددگار ڪي پي چيو آهي ته ماڻهن کي رليف ڏيڻ بدران اربين رپين جو بار وڌو ويو. شفيع جان جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي حڪومت ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. شفيع جان اهو به چيو آهي ته احساس فيول سپورٽ اسڪيم ۽ ٻين منصوبن ذريعي عوامي مشڪلاتن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.










