معاشي بحران: ٽيڪسٽائل شعبي ۾ 70 لک ماڻهو نوڪرين مان فارغ

فيصل آباد( ويب ڊيسڪ ) ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائل ايسوسيئيشن جي نمائندن گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته گهٽ ٿيندڙ برآمد ۽ معاشي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ حڪومتي ناڪامي سبب ٽيڪسٽائل ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن ۾ تقريبن 70 لک ماڻهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويو آهي.هنن چيو ته موجوده حڪومت وٽ ٽيڪسٽائل پروڊيوسز ۽ ايڪسپورٽرن تي اثرانداز ٿيندڙ مختلف بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ڪا پاليسي ناهي، هنن چيو ته انڊسٽري بند ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي، گهڻا يونٽ اڳ ئي بند ٿي چڪا آهن، ٻيا ڪيترائي ادارا به پنهنجي پيداوار بند ڪرڻ يا ٻاهرين ملڪ منتقلي جو منصوبو بڻائي رهيا آهن.هنن چيو ته ٽيڪسٽائل فيڪٽريون ضروري خام مال ۽ لوازمات کان محروم آهن، 5 هزار ڊالر کان گهٽ ماليت جي ايل سيز کولڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي، ملڪ ڊالر جي کوٽ جو شڪار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو