مشهور ڀارتي گلوڪار بپي لهري وفات ڪري ويو

مشهور ڀارتي گلوڪار بپي لهري وفات ڪري ويو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارت جو مشهور موسيقار ۽ گلوڪار بپي لهري 69 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب بپي لهري اڄ ڀارت جي ڪريٽي ڪيئر اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊيا رپورٽن موجب بپي کي هڪ مهينو اڳ صحت جي مختلف مسئلن سبب اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ کيس ٻه ڏينهن اڳ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو هو، پر طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس واپس اسپتال آندو ويو هو. ڪريٽي ڪيئر اسپتال جي ڊاڪٽر موجب بپي لهري کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هن جو بلڊ پريشر گهٽ هو ۽ سندس نبض آهستي هلي رهي هئي. گلوڪار جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ديپڪ جو چوڻ هو ته بپي لهري جي صحت بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو