ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جو مشهور ڪاميڊين ۽ اداڪار راجو شريواستو 58 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب راجو سريواستو کي 10 آگسٽ تي دل جو دورو پوڻ سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو جتي سندس علاج هلندڙ هو ۽ هاڻي اداڪار جي گهرواري سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.راجو شريواستو کي 1 سيپٽمبر تي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو جڏهن علاج جي باوجود سندس بخار گهٽ نه رهيو هو، پر هن 21 سيپٽمبر جي صبح دهلي جي هڪ اسپتال ۾ آخري سانس ورتو.
