مسٽري اسپنر ابرار احمد ڪير ۽ ڪٿان جو آهي؟

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ٽيم جي نوجوان مسٽري اسپنر ابرار احمد انگلينڊ خلاف ملتان ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڊيبيو ڪيو آهي ۽ پنهنجي سٺي ڪارڪردگيءَ سان نوجوان بالر پهرين ميچ ۾ 11 وڪيٽون وٺي زاهد محمود جو رڪارڊ برابر ڪيو. 16 آڪٽوبر 1998ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ نوجوان اسپنر ابرار احمد جو نالو پهريون ڀيرو پاڪستاني ڪرڪيٽ جي مداحن ان وقت ٻڌو جڏهن هو پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ڪراچي ڪنگز طرفان چونڊيو ويو. ابرار احمد پنهنجي جادوئي بال جي ڪري مشهور آهي جنهن گذريل سيزن ۾ قائد اعظم ٽرافي ۾ 43 وڪيٽون ورتيون هيون. سندس مادري ٻولي هندڪو آهي پر هو روانيءَ سان پشتو به ڳالهائيندو آهي، هن نوجوان جو خاندان خيبر پختونخواه جي ضلعي مانسهره جي علائقي شنڪياري سان تعلق رکي ٿو، شنڪياري پاڪستان م چاءِ جي پوک جي حوالي سان به مشهور آهي. ابرار ٽيپ بال ڪرڪيٽ کان شروعات ڪئي. هن کي گوگلي، ليگ اسپن ۽ ڪيرم بال ۾ به شاندار مهارت رکي ٿو. هن نوجوان ڪراچي جي زون 3 کي ٽائيٽل کٽرائي سليڪٽرز جي راڊار تي اچي ويو. زون ٽي کي شهر جي سڀني ستن زونن مان ڪمزور سمجهيو ويندو آهي پر 2016 ۾ ابرار جي ڪرشماتي ڪارڪردگيءَ سبب ٽيم ٽائيٽل کٽي ورتو هو. هن سيزن ۾ هن 53 وڪيٽون ورتيون ۽ ان سبب هن کي مقامي ڪوچز جي توجه حاصل ٿي ۽ هو راشد لطيف اڪيڊمي ۾ پنهنجي پرفارمنس کي وڌيڪ بهتر بڻائيندو رهيو. ابرار جيڪو گذريل پنجن سالن کان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي، کيس حقيقي ڪاميابي گذريل ٻن سالن ۾ ملي، خاص ڪري هن سال جڏهن هن سنڌ جي ٽيم لاءِ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ فائنل تائين پهچڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي ڊگھي اسپيل لاءِ مشهور، ابرار گذريل ٻن موسمن ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ 128 کان وڌيڪ اوور ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت تائين ڪل 85 وڪيٽون وٺي چڪو آهي. ابرار پاڪستان سپر ليگ ۾ گهڻي ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو پر قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪوچ مڪي آرٿر سندس صلاحيتن کان متاثر ٿيو ۽ سندس لاءِ روشن مستقبل جي اڳڪٿي ڪئي، جڏهن ته ڪمار سنگاڪارا ۽ مهيلا جي وردني به ابرار احمد جي بالنگ کان ڪافي متاثر هئا. ابرار احمد سريلنڪن بالر اجنٿا مينڊس ۽ ويسٽ انڊين اسپنر سنيل نارائن کان متاثر آهي ۽ افغانستان جي اسپنر مجيب الرحمان کي پڻ ساراهيو آهي. پاڪستان سپر ليگ ۾ زخمي ٿيڻ کانپوءِ هو ڪجهه وقت لاءِ منظر تان غائب ٿي ويو، پر هن همت نه هاري ۽ قائد اعظم ٽرافي ۾ سنڌ جي سيڪنڊ اليون ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ محنت جاري رکي. ملتان ٽيسٽ ۾ ڊيبيو ڪرڻ کان اڳ هن چيو هو ته پنج يا 6 وڪيٽون وٺندس پر الله پاڪ وڏو مان ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو