ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر راڪي ساونت جيڪا هر روز نت نئين تڪرارن ۾ گھري رهي آهي، ان جي مسلمان هجڻ تي سوال اٿاريا ويا آهن.ڊرامي ڪوئن راڪي ساونت اڄ صبح عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد سعودي عرب مان واپس ڀارت پهچي وئي آهي.هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي پنهنجي استقبال جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هن کي گلن جا هار پارايا پيا وڃن. ان موقعي تي اداڪارا ميڊيا سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ وڊيو ۾ راکي ساونت ميڊيا کي ٻڌائي ٿي ته مونکي راڪي نائي فاطمه جي نالي سان سڏيو وڃي.ان دوران راڪي ساونت جو چوڻ هو ته کيس تمام گهڻي خوشي آهي ته مون کي دعوت ڏني وئي ۽ عمري جي لاءِ سعودي عرب هلي وئي، عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ هوءَ ڏاڍي پرسڪون محسوس ڪري رهي آهي.ان موقعي تي راکي ساونت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته توهان ماڻهو ڳالهائيندا آهيو، جيڪي مسلمان ٿي ويندا آهن اهي مندر ويندا آهن، توهان انهن کي ڪجهه به نه چوندا، جيڪڏهن ڪا هندو ڇوڪري ڪعبي شريف ۾ وئي ته خدا سان ملي، منهنجي سڏ تي آيو، پوءِ اوهين ماڻهو پوءِ اتي هڪ زلزلو آيو آهي. راکي ساونت پاران عمره ادا ڪرڻ باوجود ميڊيا جي سامهون پاڻ کي هندو ڇوڪري قرار ڏيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين راڪي جي مذهب مٽائڻ تي سوال اٿاري رهيا آهن.










