ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٻن ڏينهن جي مسلسل برسات دوران نيڪالي وارو ڪم اطمينان بخش رهيو، نالن جي صفائي سميت بلدياتي ادارن جي ملازمن گڏجي برسات دوران شهر جو نظام بھتر ھلايو، برسات دوران ڪم ڪندڙ بلدياتي ادارن جي ملازمن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار ميئر ڪراچي ۽ چيئرمين واٽر ڪارپوريشن بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صديقي ايم ڊي سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس دوران ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد، سي او او واٽر ڪارپوريشن انجنيئر اسدالله خان ۽ چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو سميت سمورا سپرنٽينڊنگ ۽ سيوريج جا ايگزيڪيوٽو انجنيئر موجود هئا، اجلاس دوران ميئر ڪراچي سيوريج جي سمورن ايگزيڪيوٽو انجنيئرن کي سخت هدايتون ڏيندي چيو تہ شهر ۾ سيوريج جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي بابت سموريون شڪايتون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن، هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ جيڪڏهن شهرين کي تڪليف پهتي تہ غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










