مسئلو زمين جو، الزام ڪارنهن جو، پوليس جي جاچ جاري

مسئلو زمين جو، الزام ڪارنهن جو، پوليس جي جاچ جاري

داد لغاري (نديم مھر) ڳوٺ بھادر خان شر ۾  7 ٻارن جي ماءُ مولڻ شر کي گهرو اڻبڻت تان مڙس طريل شر مبينه طور ڪارنهن الزام ڏيئي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي. جڏهن ته مڙس طريل شر پنهجي زال کي قتل ڪرڻ لا۽ ساهري رحمان شر جي گهر تي قتل ڪرڻ لاءِ حملو ڪري  ڏنو، معصوم ٻارن جي دانهن تي پاڙيوارن جي اچڻ بعد ڏمريل مڙس ساٿين سميت فرار ٿي ويو . مڙس پنهنجي زال تي ڪارنهن جو الزام ڏيڻ بعد برادري ۾ دانهن ڏيڻ تي پنهنجي سالي  انصاف شر مٿان پنهجي ڀاڄائي سان مبينه ڪارنهن جو الزام ڏئي سڀني گهر ڀاتين کي گهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. قتل جي خوف کان گهر تائين محدود ٿيل متاثره ماڻهو  قيدي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان موقعي تي صحافين اڳيان احتجاج ڪندي ڪارنهن الزام هيٺ آيل عورت مولڻ شر جي پيءُ رحمان شر چيو ته با اثر،  طريل شر الزام مڙهڻ بعد پنهنجي  ڀاڄائي سان ڪوڙو ڪارنهن الزام ڏيئي قتل ڪرڻ لا۽ حملا ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته بااثرن اسان جي زمينن ڏانهن ايندڙ واٽر ڪورس ڀڃي پاڻي بند ڪري رستا ڀڃي ڇڏيا آهن. هن چيو ته يارولنڊ پوليس با اثرن جي ونگارو  بڻجي اسان جي فرياد وٺڻ کان  به انڪاري بڻيل آهي. ڪارنهن الزام هيٺ آيل نوجوان انصاف شر  چيو ته برادري جي چڱي مڙس مير شعيب خان شر وٽ  فيصلو ٿيو هو جنهن ۾ هو ڪوڙو ٿيو ۽  لکت  اسان وٽ موجود آهي. متاثره عورت مولڻ شر چيو ته ڪارنهن جو ڪوڙو بهتان ڏيئي گهران ڪڍي  قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ مڙس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. ايس ايس پي گهوٽڪي انصاف نه ڪيو ته آءُ پنهنجن 7 ٻارن سميت  پاڻ کي سندس آفيس آڏو باھ ڏئي ساڙي ڇڏينديس. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل طريل شر ٻڌايو ته مون زال مولڻ توڙي انصاف شر مٿان ڪارنهن جو الزام نه ڏنو آهي اسان جو زمين جي کاتي جو مسئلو آهي جنهن تي هو منهنجو چوپايو مال به ڪاهي ويا آهن ۽ هاڻي زمين جي تڪرار کي غلط رنگ ڏئي الزام پيا هڻن. اصل مامري جي سرادر شهريار خان شر کي معلومات آهي ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او يارولنڊ عاشق بلو ٻڌايو ته ان ڪيس جي جاچ ڪملينٽ سينٽر جي انچارج صبا وٽ آهي مون کي وڌيڪ هن مامري جي ڄاڻ نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو