لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب خميس ڏينهن چيو ته وڏي وزير مريم نواز لاهور جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ “وڏي سرجري” ڪرائي آهي۔
سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اورنگزيب چيو: “وڏي وزير مريم نواز شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ وڏي سرجري ڪرائي، جنهن کان پوءِ کين گهر منتقل ڪيو ويو آهي۔”
هن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ هجڻ باوجود وڏي وزير عيد جي پهرين ڏينهن صوبي سان لاڳاپيل سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين انتظامي معاملن جي نگراني جاري رکي۔
اورنگزيب جي پوسٽ تي ردعمل ڏيندي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزا فاطمه خواجه، مريم نواز جي صحت ۽ خيريت لاءِ دعا ڪئي۔
نومبر 2024ع ۾ به وڏي وزير مريم نواز صحت جي مسئلن سبب شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ داخل ٿي هئي۔ ان وقت اورنگزيب چيو هو ته سندس ٿائرائيڊ جا ٽيسٽ ڪرايا ويا هئا۔
گذريل مهيني پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري انهن رپورٽن تي ردعمل ڏنو هو، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته وڏي وزير مريم نواز ڪينسر سان وڙهي رهي آهي، ۽ انهن خبرن کي “بلڪل ڪوڙو” قرار ڏنو هو۔
هن چيو: “ڪنهن جي زندگي بابت اهڙي قسم جي ڪوڙي پروپيگنڊا قابل مذمت آهي۔”
اهو به ذڪر جوڳو آهي ته صحافي منصور علي خان سان اهي دعوائون منسوب ڪيون ويون هيون، تنهن بعد ۾ چيو هو ته هن مريم نواز جي صحت بابت اهڙا ڪي به بيان نه ڏنا هئا۔










