مردان (ويب ڊيسڪ) مردان ۾ اغوا ڪيل ٻن ٻارن کي جوابدار چارسدا روڊ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.پوليس موجب، جوابدارن گذريل ڏينهن شيخ ملتون ۾ عورت سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪيو هو.جوابدار مقتولن جا ٻه ٻار ۽ گاڏي به پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. پوليس پاران ان ڪيس جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










