مرتضيٰ وهاب جو گجر نالي ۽ هجرت ڪالوني جي نالي جو دورو

مرتضيٰ وهاب جو گجر نالي ۽ هجرت ڪالوني جي نالي جو دورو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايڊمنسٽريٽر ڪراچي، قانون واري صلاحڪار ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ گجر نالي ۽ هجرت ڪالوني نالي جو دورو ڪري صفائي جي ڪم جو معائنو ڪيو ۽ اتي هلندڙ ڪم جو جائزو ورتو، ميونسپل ڪمشنر سيد افضل زيدي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مظهر خان ۽ ٻيا آفيسر به گڏ هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته برساتن جي موسم کان اڳ ڪم تيز ڪيو وڃي ۽ 41 وڏن ۽ 514 ننڍن نالن جي صفائي جو ڪم مڪمل ڪيو وڃي، برساتي نالن جو چوڪ ٿيڻ وڏو مسئلو اهي، جنهن سبب برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿي سگهندو آهي، ۽ اهو پاڻي روڊن تي بيهجي ويندو آهي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته سمورا بلدياتي ادارا احتياطي اپاءَ وٺن ته جيئن شهرين کي ڪا به پريشاني پيش نه اچي، هن چيو ته وقت کان اڳ اهڙن هنڌن جي نشاندهي ڪئي وڃي جتي برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿئي ۽ انهن هنڌن تي فوري طور ڪم شروع ڪيو وڃي. ان لاءِ پلان تيار ڪيو وڃي،ايڊمنسٽريٽر ڪراچي چيو ته ڪراچي جي 14 انڊر پاسن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ انتظام ڪيا وڃن ته جيئن انهن انڊر پاسن ۾ ٽريفڪ جي رواني برقرار رهي ۽ پاڻي جمع نه ٿئي. هن چيو ته ماضي ۾ ڪي پي ٽي جي انڊر پاسن ڪلفٽن، لياقت آباد ۽ ناظم آباد انڊر پاسن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو هو پر هن ڀيري برسات شروع ٿيندي ئي پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته گذريل سال سڀني گڏجي تمام گهڻي محنت ڪئي هئي ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي ڏکيائي پيش نه اچي، هن سمورن بلدياتي ادارن کي چيو ته اهي هڪ ٻئي سان لاڳاپا مضبوط ڪن ۽ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪن. هڪ ٻئي سان رابطو ڪيو ۽ ڪنهن به صورتحال ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن مون سون جي موسم ۾ ڪراچي جي ڪنهن به علائقي ۾ عوام کي پريشاني نه ٿئي، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز کي هدايت ڪئي آهي ته هو وڏي مشينري ۽ ليبر جو تعداد وڌائين ته جيئن برساتن جي موسم ۾ ڪراچي جي ڪنهن به علائقي ۾ عوام کي پريشاني نه ٿئي. صفائي جو عمل تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي ٻڌايو ته هن وقت 21 جڳه تي نالا صاف ڪيا پيا وڃن، نالن جي صفائي جو عمل زيرو پوائنٽ کان شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي نالن تي حددخلين سبب ماڻهن کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، انهن هنڌن تي نالن کي مينيول صاف ڪيو ويندو، هن چيو ته نالن مان نڪرندڙ ڪچري کي لينڊ فل سائٽ منتقل ڪيو پيو وڃي جيئن روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر نه ٿئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو