ھنڱورجا(ن س )جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف داخل هنگورجا ٿاڻي ڦر ۽ مقابلي واري ڪيس خيرپور جي عدالت سندس جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضیٰ جتوئي خلاف هنگورجا ٿاڻي تي داخل ڦر ۽ پوليس مقابلي واري ڪيس ۾ هڪ لک رويپن مچڪلن عيوض خيرپور جي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اختر حسين شاه ضمانت منظور ڪري ورتي آهي،وڪيل لياقت علي جتوئي جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي فيڊرل وزير غلام مرتضیٰ جتوئي خلاف داخل ڪيس ۾ عدالت ضمانت منظور ڪئي آهي ، حڪومتي ڌر پوليس کي استعمال ڪري مختلف ٿاڻن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهي آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ، فتح هميشه حق سچ جي ٿيندي آهي جتوئي خاندان نهايت ئي شريف خاندان آهن انهن خلاف من گھڙت ڪيس ٺاهڻ شرم جهڙي ڳالھ آهي.










