مراڪش کي شڪست، فرانس جو فائنل ۾ ارجنٽائن سان مقابلو ٿيندو

مراڪش کي شڪست، فرانس جو فائنل ۾ ارجنٽائن سان مقابلو ٿيندو

دوحا(ويب ڊيسڪ)قطر جي البيت اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻئي سيمي فائنل ۾ فرانس جي ٽيم مراڪش کي زيرو جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي چوٿون ڀيرو فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميچ جي پنجين منٽ ۾ دفاعي چيمپئن فرانس جي ٿيو هرنينڊز پهريون گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-1 جي برتري ڏياري. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ کيڏندڙ مراڪش پهرين هاف ۾ گول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي نه ملي سگهي ۽ فرانس پهرين هاف جي آخر ۾ 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ٻئين هاف ۾ فرانس جي رانديگر ڪولومواني 79 هين منٽ ۾ ٻيو گول ڪري برتري 0-2 ڪري ڇڏي ۽ فتح جا موقعا روشن ڪري ڇڏيا. مراڪش جي ٽيم ٻئي هاف ۾ به گول ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر فرانس بهترين راند جو مظاهرو ڪيو.مراڪش جي حمايت لاءِ اسٽيڊيم ۾ وڏو ميڙ موجود هو، اسٽيڊيم ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو شڪست کانپوءِ روئي رهيا هئا. فرانس 2018 ۽ 1998 ۾ ورلڊ چيمپئن رهي چڪو آهي. 2006 ۾ فائنل ۾ اٽلٿ هٿان شڪست کاڌي هئائين. هاڻي فائنل ۾ ارجنٽائن سان آچر تي سندس مقابلو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو