ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ٽينس اسٽار اعصام الحق قزاقستان جي ساٿي رانديگر سان گڏ مراڪش اوپن ٽينس ڊبلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. اَي پي پي جي رپورٽ موجب اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي ڇهين مقابلي جو سلسلو مراڪش ۾ جاري آهي. قزاقستان جي اليگزينڊر نيدو ايسوف اَي ٽي پي مراڪش اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي مينز ڊبلز ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويا آهن. اعصام الحق ۽ سندس ساٿي اٽلي جي جوڙي کي هارائي اها ڪاميابي حاصل ڪئي. اعصام الحق ۽ قزاقستان جي رانديگر تي مشتمل جوڙي جو سيمي فائنل ۾ برازيل جي رافيل فيبرس ڊي ميٽوس ۽ سندس اسپيني پارٽنر ڊيوڊ ويگا سان مقابلو ٿيندو.










