ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي وڏي وزير جي نامزدگي جو فيصلو ڪجهه ڏينهن ۾ متوقع آهي.ان سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي حلقن ۾ سنڌ جي وڏي وزير لاءِ مراد علي شاهه پسنديده اميدوار آهي پر سنڌ جي وڏي وزير لاءِ فريال ٽالپر، ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جا نالا به گردش ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهي ٿو ته مراد علي شاهه کي سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو وڃي.










