ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ شرجيل ميمڻ ملاقات ڪئي. ذريعن ٻڌايو ته وڏي وزير سميت پارٽي اڳواڻن جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي.ملاقات ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال، گڏوگڏ ٻين اهم معاملن ۽ جاري منصوبن تي بحث ڪيو ويو.هن اهم ملاقات ۾ صدر آصف زرداري سنڌ جي وزيرن کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ جاري ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪن ۽ ماڻهن کي رليف فراهم ڪن.










