مذهبي جماعت احتجاج،پنڊي ۾ تعليمي ادارا کلي ويا، رستا بحال

مذهبي جماعت احتجاج،پنڊي ۾ تعليمي ادارا کلي ويا، رستا بحال

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ تعليمي ادارا هڪ مذهبي گروپ جي احتجاج سبب 4 ڏينهن کان پوءِ ٻيهر کلي ويا آهن، وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سڀئي بند روڊ ٻيهر کُلي ويا آهن، جنهن کان پوءِ مري روڊ ۽ ٻين رستن تي ٽرئفڪ جاري آهي، ٻئي طرف راولپنڊي مري روڊ تي دڪان ۽ تجارتي مرڪز به کُلي ويا آهن، جڏهن ته، مري روڊ کان فيض آباد تائين رستو ۽ راولپنڊي-اسلام آباد ميٽرو بس سروس پڻ بند آهي، ان دوران آءِ جي پي روڊ، ڊبل روڊ، ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته راولپنڊي کان ڊبل روڊ نائنٿ ايونيو جو رستو کوليو ويو آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ موبائل فون ۽ ڊيٽا سروسز پڻ بحال ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو