پي ٽي آءِ  مخصوص ۽ اقليتي سيٽن جي حقدار،ڪميشن جو فيصلو رد

پي ٽي آءِ مخصوص ۽ اقليتي سيٽن جي حقدار،ڪميشن جو فيصلو رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ سُني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني لارجر بينچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو.لارجر بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منيب اختر، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس اظهر حسن رضوي شامل هئا.ان کان علاوه جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان ۽ جسٽس امين الدين به بينچ جو حصو هئا. سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو اچڻ کان اڳ فل ڪورٽ جا ٻه اجلاس به ٿيا. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته فيصلو سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي 8 رڪني اڪثريت وارو فيصلو آهي، فيصلو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آهي.سپريم ڪورٽ جي ڪمري نمبر هڪ ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سڪندر بشير، اٽارني جنرل منصور اعواڻ ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي موجودگي ۾ فيصلو ٻڌايو ويو.جسٽس منصور علي شاهه سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آئين جي خلاف آهي.چونڊ نشان تي عمل نه ڪرڻ ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊن کان روڪي نٿو سگهي، پاڪستان تحريڪ انصاف سياسي پارٽي هئي ۽ آهي.سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي عورتن ۽ اقليتن لاءِ مخصوص سيٽون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي. پي ٽي آءِ ان فيصلي جي 15 ڏينهن اندر پنهنجي مخصوص سيٽن جي نالن جي لسٽ پيش ڪري.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏنيون وڃن.سپريم ڪورٽ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ کي قرار ڏيندي سني اتحاد ڪائونسل جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.عدالت چيو ته ٻيا 41 اميدوار به 14 ڏينهن اندر سرٽيفڪيٽ ڏئي سگهن ٿا ته اهي سني اتحاد ڪائونسل جا اميدوار هئا، سني اتحاد ڪائونسل آئين موجب مخصوص سيٽون نٿيون کڻي سگهي، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور قانون ۽ آئين پور لهي ٿي فيصلي موجب اليڪشن ڪميشن 80 اميدوارن جي ڊيٽا جمع ڪرائي، چونڊ نشان ختم ٿيڻ سبب ڪنهن پارٽي جو چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق ختم نٿو ٿئي.جسٽس يحيٰ آفريدي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته پي ٽي آءِ کي پارٽي طور مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جو قانوني ۽ آئيني حق حاصل آهي، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن پي ٽي آءِ کي حلف نامو ڏين،جن اميدوارن سرٽيفڪيٽ ڏنو آهي ته اهي پي ٽي آءِ جا آهن، ان ڪري پي ٽي آءِ جي چونڊيل اميدوارن کي ڪنهن ٻئي پارٽي يا آزاد اميدوار جو تعلق قرار نه ٿو ڏئي سگهجي.

ڪهڙن ججن فيصلي جي مخالفت ڪئي؟

جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس اطهر من الله، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس منيب اختر، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس عرفان سعادت اڪثريت سان فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس جمال مندو خيل، جسٽس نعيم افغان، جسٽس امين الدين خان به درخواستن جي مخالفت ڪئي جڏهن ته جسٽس يحيٰ آفريدي اختلافي نوٽ لکيو.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي: چيف جسٽس آف پاڪستان

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏنو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي ڪڍي ڇڏيو، ان بنياد تي پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اميدوارن کي غلط طور تي آزاد قرار ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي آزاد اميدوارن جي فيصلي کي چئلينج نه ڪيو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪئي، اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن کي ٻيهر ورهائي.هاڻي پي ٽي آءِ جا چونڊيل ميمبر يا پاڻ کي آزاد يا پي ٽي آءِ جو اعلان ڪن، پي ٽي آءِ ميمبرن تي ڪو به دٻاءُ نه هئڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو