ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه قومي احتساب بيورو يعني نيب ڪراچي آفيس ۾ پيش ٿيو جتي مختلف ڪيسن ۾ جاچ بابت کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. روشن پاڪستان، شگر سبسڊي ڪيس، ڪڻڪ جي بحران، سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ڪڻڪ جي گدامن مان ڪڻڪ جي چوري ۽ ٻورين مان ڀوسو نڪرڻ بابت هڪ ڪلاڪ تائين نيب جي جاچ ٽيم کانئس آڏي پڇا ڪئي.










