واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو مختلف ملڪن تي 15 کان 50 سيڪڙو تائين ٽيرف لاڳو ڪندو. جيڪڏهن اهي آمريڪا ۾ ڪاروبار کولڻ تي راضي ٿين ٿا ته اسان انهن جا ٽيرف گهٽائي ڇڏينداسين. واشنگٽن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته اهي يورپي يونين سان سنجيده ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ چين سان به هڪ معاهدو ڪرڻ وارا آهن. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته هو تيل جي قيمتن کي وڌيڪ گهٽائڻ چاهي ٿو ۽ مختلف ايشيائي ملڪن سان توانائي جا معاهدا ڪري رهيو آهي.










