مختلف بندن جا دورا،بريفنگ، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول

مختلف بندن جا دورا،بريفنگ، ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: بلاول

سکر /گهوٽڪي /ڪنڌڪوٽ /خانپورمهر (نمائندن وٽان ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ حڪومت ٻوڏ جي حوالي سان مڪمل تياري ڪري چڪي آهي، وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي متاثرن جي فوري طور مالي مدد ڪري ۽ سڄي ملڪ ۾ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي. سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، مان گڊو ۽ سکر بيراج جي حوالي سان بريفنگ ورتي آهي، سنڌ حڪومت جي مڪمل تياري آهي، ڪچي جي علائقي مان ماڻهن جي نڪرڻ جي رفتار سست آهي، انهن کي انتظاميا سان سهڪار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ فوري طور زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ هارين جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اڄ اسان هارين جي مدد ڪنداسين ته فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا پيدا نه ٿيندا. سندس چوڻ هو رب پاڪ کان دعا آهي ته پاڪستان جو عوام قدرتي آفتن کان بچي ۽ اسان کي اختلاف وساري قدرتي آفتن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، مودي سنڌو تي تاريخي حملو ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته صوبا ڀائر بڻجي مقابلو ڪن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ڊيم ٺاهڻ جي مخالف ناهي پر تڪراري ڊيمن سبب علائقن کي خطرا ٿي سگهن ٿا، ڪير آهن جيڪي اهڙيون تجويزون ڏئي صوبن ۾ اختلاف ٿا پيدا ڪن، سنڌ کان ٻاهر آهي ته سنڌ تي ڊيم ٺاهڻ جا شوشا ڇو ڇڏيا ويندا آهن. ..خانپورمھر پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خانڳڙھ آمد، خبرموجب پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل رات دير سان خانڳڙھ ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر وٽ پهتو، بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر جي خانڳڙھ واري رهائشگاهه مهر هائوس تي رات گذاري، بلاول ڀٽو زرداري اڄ منجهند خانڳڙھ کان گڊو لاءِ باء روڊ روانو ٿي ويو، بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر، پ پ ايم پي اي سردار علي نواز عرف راجا خان مهر ۽ ضلعي چيئرمين مير بنگل خان مهر ساڻس گڏ هئا، بلاول ڀٽو زرداري گڊو بئراج پهچي بئراج جو معائنو ڪندو ۽ ٻوڏ صورتحال توڙي پاڻي جي وهڪرن جو جائزو وٺندو، جتي کيس بريفنگ پڻ ڏني ويندي، بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي خانڳڙھ ۾ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا…پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهہ سان گڏ گڊو بئراج پهچي پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو . ان موقعي تي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو امڪاني ٻوڏ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي چيو تہ پاڻي پنجند کان ٿيندو گڊو بئراج پهچي رهيو آهي. ان موقعي تي ايم اين اي مير شبير علي بجاراڻي،ايم اين اي علي جان مزاري ،ايم اين اي علي گوهر خان مهر فوڪل پرسن فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ، صوبائي وزير محمد بخش مهر، صوبائي صلاحڪار احسان خان مزاري، ايم پي اي محبوب علي بجاراڻي، ايم پي مير عابد خان سندراڻي، ايم پي اي حاجي عبدالرئوف کوسو، صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو، سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کهيڙو ، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان ،وائس چيئرمين الطاف خان کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ……پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اوٻاوڙو لڳ گڊو بئراج تي پهچي درياهه سنڌ ۾ ايندڙ چاڙه ۽ ممڪن ٻوڏ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو، جتي کيس لاڳاپيل عملدارن طرفان مڪمل بريفنگ پڻ ڏني وئي خبر موجب، اوٻاوڙو لڳ پپلز پارٽي جي چئرمين بلاول ڀٽو زرداري گڊو بئراج پھچي سنڌو دريا ۾ ايندڙ چاڙھ ممڪن ٻوڏ جي صورت حال جو تفصيلي جائزو ورتو ان موقعي تي بلاول ڀٽو سان گڏ سنڌ جو وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير محمد بخش خان مهر، بنگل خان مهر، اڪرام الله ڌاريجو ۽ پيپلزپارٽي جا ٻيا اهم اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ عملدارن پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌو درياهه جي تيز وهڪرن ۽ بندن جي مضبوطي، ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل حفاظتي قدمن بابت تفصيلي آگاهي ڏني وئي۔ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا بروءِڪار آندا وڃن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي وڃي۔هوڏانهن علائقي جي ماڻهن بلاول ڀٽو زرداري جي دوري کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي ڌيان سان نه صرف ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويندو، پر انهن جي سار سنڀال لاءِ به مڪمل قدم کنيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو