محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ نامزد

محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ نامزد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪيو ويو آهي.اپوزيشن طرفان درخواست باضابطه طور تي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري مشتاق جي آفيس ۾ جمع ڪرائي وئي، چيف وهپ عامر ڊوگر، اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن درخواست جمع ڪرائي. اپوزيشن جي 75 ميمبرن محمود خان اچڪزئي کي بطور اپوزيشن اڳواڻ نامزد ڪيو. پي ٽي آءِ جا 3 ميمبر ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب درخواست تي صحيح نه ڪري سگهيا، علي افضل ساهي، عمر فاروق ۽ صاحبزاده محبوب سلطان ملڪ کان ٻاهر هجڻ سبب درخواست تي صحيح نه ڪري سگهيا. قومي اسيمبلي جي اسپيشل سيڪريٽري مشتاق درخواست وصول ڪري ورتي، جڏهن ته ايڊوائيزر آفيس درخواست کي ڊائري نمبر لڳائي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو