ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ٺهراءُ ۾ ترميم بابت اچڪزئي جو موقف رد

ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ٺهراءُ ۾ ترميم بابت اچڪزئي جو موقف رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ڪري ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن آئين ۽ پارليامينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون، جيڪڏهن ايوان کي اهڙي طرح هلايو ويو ته هلڻ نه ڏينداسين.محمود خان اچڪزئي چيو ته مون ڪشمير بابت قرارداد جي مخالفت ڪئي، قرارداد ۾ ترميم چاهيان ٿو، اسان هميشه آزادي جي تحريڪن جي حمايت ڪئي آهي، ڪشميرين کان پڇيو وڃي ته هو ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿا.محمود خان اچڪزئي چيو ته اسيمبلي ميمبر حاجي امتياز کي ڪير وٺي ويو؟ جيڪو ميمبر کي آڻي نٿو سگهي ان کي اسپيڪر ٿيڻ جو ڪو حق ناهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشمير بڻبو پاڪستان جو نعرو ڀلي لڳايو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته توهان مون کي حوالدار سڏيو آهي، حوالدار پاڪستان جي دفاع جي پهرين صف آهي.اياز صادق چيو ته مون کي حوالدار تي فخر آهي. ڀارت پاران 5 آگسٽ 2019 تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ ڪشمير مان ڀارتي فوج هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اچڪزئي چاهي پيو ته ڪشميرين جي راءِ معلوم ڪري ته آزاد رهڻ چاهين ٿا يا هندوستان ۽ پاڪستان مان ڪنهن جي چونڊ ڪرڻ چاهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو