محرم ۾ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي

محرم ۾ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته محرم الحرام ۾ شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ذميواري آهي.گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ گهرو سيڪريٽري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ محرم الحرام جي سيڪيورٽي انتظامن جو اهم جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورن صوبن جي هوم سيڪريٽرين ۽ پوليس اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجالس جي سيڪيورٽي پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان کان علاوه انتظامن جو جامع جائزو پڻ ورتو ويو. محرم الحرام دوران امن امان جي قيام ۽ فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو ويو. طلال چوڌري وفاقي حڪومت پاران صوبن کي هر ممڪن تعاون جي يقين دهاني ڪرائيندي گهربل مدد کان آگاهه ڪرڻ، ۽ هوم سيڪريٽرين سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سيڪيورٽي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو