متحده عرب امارات ۾ سڀاڻي کان تيز برسات جي اڳڪٿي

متحده عرب امارات ۾ سڀاڻي کان تيز برسات جي اڳڪٿي

ابوظھبي (ويب ڊيسڪ)متحده عرب امارات ۾ اربع جي شام کان خميس تائين تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.امارات جي موسميات کاتي موجب يو اي اي ڳاڙهي سمنڊ مان مٿاڇري جي گھٽ دٻاءُ جي واڌ سبب متاثر ٿيو آهي.متحده عرب امارات جي موسميات کاتي چيو آهي ته خشڪ ڏکڻ اوڀر واري هوائون به يو اي اي ۾ موسم کي متاثر ڪنديون. مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برسات جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته گڏيل عرب امارات 2 هفتا اڳ تيز برساتن سبب متاثر ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو