حيدرآباد(بيورو) صوباءي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران قاسم آباد جي مختلف علاءقن جو دورو شرجيل انعام ميمڻ برسات متاثر علاءقن جي صورتحال جو جاءزو ورتو صوبائي وزير پاڻي نيڪالي واري ڪم جو معائنو ڪيو شرجيل ميمڻ پاران انڊسٽريز آفيس ۾ قاءم رليف ڪيمپ جپ دورو ڪيو يو صوباءي وزير متاثرن کان کاڌي پيتي جي حوالي سان پڇا ڪئي ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته کاڌ خوراڪ سميت ھر طرح جي امداد ڪئي ويندي هن چيو ته ٻين علاءقن مان ايندڙ متاثرن لاء ڪيمپون قاءم ڪيون آھن، جتان جتان پاڻي گذري پيو اتي خطرو آهي، پاڪ فوجي ۽ فوج مدد ڪري پئي حڪومت پاران ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن ڌار خيما به ڏنا ويا آهن:شرجيل ميمڻ چيو ته جتان جتان پاڻي گذري پيو اتي خطرو آھي پاڪ فوج ۽ نيوي مدد ڪري پئي هن چيو ته ھن وقت پوري قوم ھڪ بڻجي وءي آھي ٔحڪومت طرفان ڪيمپون قاءم ڪيون ويون آھن الڳ سان خيما بھ ڏنا ويا آھن. وڏي وزير ھدايت ڏني آھي تھ رليف جي ڪم ۾ فنڊس جو ڪو مسءلو نھ ٿيندو هن چيو ته پي ٽي آء سربراھ ڪالھ سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته جڏھن کان اقتدار تان ھٽيو آھي عمران خان عدليا ۽ اسٽيبلشمينٽ تي حملا ڪري رھيو آھي جيترو ادارن عمران خان کي برداشت ڪيو آھي اوترو ڪنھن کي ناھي ڪيو ھي چاھين ٿا آء ايم ايف جي قسط جاري نھ ٿءي ۽ ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي










