اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 2 مختلف ڪيسن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم اين اي مبين عارف جٽ جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گوجرانوالا ۾ مبين عارف جٽ خلاف داخل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.هڪ ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪئي، ٻئي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس طارق محمود جهانگيري ڪئي جڏهن ته مبين عارف جٽ طرفان وڪيل آمنه علي ايڊووڪيٽ ۽ رضوان اختر ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت ايم اين اي مبين عارف جٽ جي 2 مختلف ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.جسٽس طارق محمود جهانگيري 50 هزار ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني 20 هزار رپيا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايم اين اي مبين عارف جٽ کي ايئرپورٽ تي گرفتار ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ ايم اين اي کي 11 نومبر تائين هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










