ماڊل مڌو لاريب روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور سان تعلق رکندڙ 27 ورھين جي فيشن ماڊل لاريب مڌو وال عرف لارا مڌو وال ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آھي، ميڊيا رپورٽ موجب ماڊل لارا جي ويجھي دوست پاران ان جي ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو اطلاع سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو، شيئر ڪيل پوسٽ موجب ماڊل لاريب عيد ملهائڻ اباڻي علائقي ۾ آيل هئي ۽ بالاڪوٽ ۾ پيش ايندڙ ڪار حادثي ۾ فوت ٿي وئي آھي، پوسٽ ۾ لارا جي مغفرت جي لاءِ دعا جي درخواست ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي لارا جي موت تي سوشل ميڊيا صارفين بھ حيرت ۾ مبتلا ٿيڻ سان گڏ افسوس جو اظھار ڪري رھيا آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو