ماٿيلو، ڪارو ڪاري جرڳو، 17 ڄڻن تي ڪيس، 3 وڏيرا گرفتار

ماٿيلو، ڪارو ڪاري جرڳو، 17 ڄڻن تي ڪيس، 3 وڏيرا گرفتار

ميرپور ماٿيلو(ن س) ايس ايس پي گهوٽڪي وڏي ڪارروائي ڪئي، عورتن کي ڪارو قرار ڏيندڙ وڏيري ۽ سندس ساٿين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪروهي ويجهو عورتن کي ڪارو قرار ڏيندي جرڳو ڪندڙ وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب يارو لنڊ پوليس اسٽيشن ۾ متاثر عورتن تي ڏنڊ لاڳو ڪندڙ 17 وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي وڏيرن کي گرفتار ڪري ورتو،ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران ڪارو ڪاري واري جرڳي جو نوٽيس ورتو،وڏيرن مير حسن زهرو، عبدالله ۽ علي حسن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو، ايف آءِ آر متن موجب وڏيرن پنج عورتن تي الزام لڳائي ۽ انهن کي گهرن مان بي دخل ڪري جرڳو ڪيو، متاثر عورتن ۾ فريدان شر، ناديه، اسما شر، عائشه ۽ سخيجا شر شامل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو