ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لائيوسٽاڪ ۽ فشريز جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جو ماهيگيري کاتو، سنڌ جي ماهيگرن کي اهي سڀ سهولتون سندن در تي ڏيڻ چاهي ٿو جيڪي سندن معاشي بيهڪ کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن. اسان ان لاءِ فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي کي به چونداسين ته هو سنڌ جي سامونڊي پٽي جي ماهيگرن سان گڏوگڏ سنڌ انلينڊ ماهيگرن کي به انهن سڀني سهولتن سان نوازي، جيڪي ميرن (سمنڊ) وارن ماهيگرن کي سندن طرفان مليل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير سڄي سنڌ کان آيل ماهيگر تنظيمن جي وفدن سان هڪ اهم ميٽنگ ۾ ڪيو، جن ۾ سجاول، ٺٽو، بدين، ڄامشورو، حيدرآباد، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻيا شامل هئا. اها ميٽنگ ماهيگرن جا مسئلا ٻڌڻ لاءِ صوبائي وزير کان ورتل ٽائيم تحت ڪئي وئي هئي. پاڪستان فشر فوڪ تنظيم هن ميٽنگ جو اهم حصو هئي. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري لائيوسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي نئين چيئرپرسن فاطمه مجيد، ڊائريڪٽر ميرن فشرز سنڌ ڊاڪٽر عاصم ڪريم ۽ ڊي ايس اسٽاف محمد عمران پڻ موجود هئا، جڏهن ته فشر فوڪ جي چيئرمين غلام مصطفيٰ ميراڻي، جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ ۽ مجيد ملڪاڻي پڻ شرڪت ڪئي. محمد علي ملڪاڻي ماهيگرن کي ٻڌايو ته اسان عالمي بينڪ جي تعاون سان شروع ٿيل منصوبي “ايڪوا ڪلچر” تحت سنڌ جي ماهيگرن کي مڇي جي واپار ۽ شڪار جي مد ۾ ڪروڙين روپين تائين مدد ڪرڻ جا منصوبا ڏينداسين ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. صوبائي وزير چيو ته اسان ان حق ۾ آهيون ته مڇي جي شڪار تي ڏيڍ مهيني جي پابندي ضرور هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اها مڇي جي ٻچي ڏيڻ جي سيزن هوندي آهي، ان ڪري 15 جون کان پهرين آگسٽ تائين اها پابندي برقرار رهندي. هن چيو ته هاڻي ماهيگرن جا سڃاڻپ ڪارڊ نادرا سان ڳنڍي ڇڏينداسين، جيئن ماهيگر جي سڃاڻپ شناختي ڪارڊ ذريعي ٿي سگهي. ان لاءِ اسان شڪار جا لائسنس ۽ ٻيڙين جي رجسٽريشن سميت امدادي فنڊ يا عالمي بينڪ جي پروجيڪٽن ۾ اهڙن ماهيگرن کي شامل ڪنداسين، جن جو اهو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل هوندو. ان کان اڳ، ماهيگر تنظيمن جي اڳواڻن صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي پنهنجا ۽ پنهنجي علائقي کي پيش ايندڙ مسئلا بيان ڪيا، جن کي صوبائي وزير غور سان ٻڌو ۽ پڪ ڏياري ته سندن مسئلا سنڌ جي سي ايم کان وٺي سنڌ ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي تائين پهچايا ويندا، ۽ جيڪڏهن قانون ۾ ترميم ڪرڻي پئي ته اها به ڪنداسين. صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي ٻين کاتن، جهڙوڪ: ٻيلو کاتو، آبپاشي، ۽ ماحوليات، انهن سڀني سان ويهي ڳالهائينداسين ته جيئن مڇي جو شڪار ڪندڙ ماهيگرن جون تڪليفون دور ٿي سگهن. هن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير کي لکنداسين ته اسان بل پاس ڪري ٺيڪيداري نظام جو خاتمو آندو آهي، تنهنڪري ڪٿي به ٺيڪو نه ٿيڻ گهرجي. صرف لائسنس وارن ماهيگرن کي مڇي جو شڪار ڪرڻ ڏنو وڃي. ان موقعي تي ماهيگر تنظيمن جي نمائندن صوبائي وزير کي هڪ ئي ملڪ ۾ ٻن قانونن جي فعال هجڻ جي آگاهي ڏني ۽ چيو ته بلوچستان حڪومت ٻيڙين جي رجسٽريشن پاڻ ڪري رهي آهي، پر سنڌ ۾ مرڪنٽائل ميرن فشريز وفاقي کاتو رجسٽريشن ڪري رهيو آهي؛ ارڙهين ترميم کان پوءِ اهو رجسٽريشن وارو عمل به سنڌ حڪومت وٽ هجڻ گهرجي. هنن صوبائي وزير کي چيو ته ايل بي او ڊي (LBOD) جو زهريلو پاڻي سنڌ جي دريائن، واهن ۽ ڍنڍن جو ماحول خراب ڪري آبي جيوت لاءِ وڏو نقصان ڪري رهيو آهي. سنڌ ۾ 1209 پاڻين تي ويٺل ماهيگرن کي اجهو، لٽو، روزگار ۽ تعليم و صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جنهن تي صوبائي وزير کين پڪ ڏياري ته انشا الله اوهان جا سڀ مسئلا سنڌ حڪومت جو ماهيگيري کاتو حل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو. صوبائي وزير چيو ته اسان ڪوشش ڪري هڪ ايڊوائزري ڪائونسل جوڙينداسين، جنهن ۾ ماهيگيري تنظيمن جا نمائندا، فشريز ميمبر ۽ انلينڊ جا آفيسر شامل هوندا، جيڪي سڀني مسئلن تي ويهي انهن جو حل ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا. آخر ۾ صوبائي وزير سڀني جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انشا الله سنڌ جي ماهيگرن جا سڀ مسئلا حل ٿيندا










