اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جيو نيوز ذريعن جي حوالي سان هڪ خبر ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ ايم ايف 400 بجلي جا يونٽ ماهوار استعمال ڪندڙن کي رليف جي تجويز رد ڪندي 200 يونٽ وارن صارفين کي رعايت ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. خبر موجب ملڪ ۾ 200 يونٽ تائين ماهوار استعمال ڪندڙ صارفين جو انگ 40 لک آهي. جيڪڏهن 400 يونٽ وارن صارفين کي رليف ملي ها ته 3 ڪروڙ 20 لک صارفي کي رليف ملي ها. خبر موجب آءِ ايم ايف اهو پلان مشروط طور منظور ڪيو آهي. هڪ ته وفاقي هڪومت بجلي ۽ گيس جي چوري روڪڻ لاءِ ڀرپور اپاءُ وٺندي ۽ ٻيو ته گيس جي قيمت ۾ 45 کان 50 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي.










