ڪراچي(نمائندن وٽان)سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي اڄ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ تالابندي ڪري ڪم ڇڏيو هڙتال ڪئي پئي وڃي. يونين پاران بلدياتي ادارن جي ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌ جي اڪثرن شهرن ۾ اسڪول ۽ سراڪري آفيسون بند ڪيون ويون آهن، شاگردن کي واپس گهر موڪليو ويو. استادن سميت سرڪاري ادارن جا ملازم احتجاجي مظاهرا به ڪري رهيا آهن.سنڌ ايمپلائيز الائينس جي اڳواڻن پاران 23 کان 27 سيپٽمبر تائين تالابندي جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳواڻڻ جو مطالبو آهي ته مهانگائي عروج تي آهي، بنيادي پگهار ۽ الائونسز ۾ 70 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. ملازمن جو مطالبو آهي ته ماهوار پينشن جو نظام بحال ڪريو، نئون ڪنٽريبيوٽري پينشن جو نظام ختم ڪريو، ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي بند ڪريو، ڊفرنس الائونس بحال ڪريو. ياد رهي ته سنڌ حڪومت صوبائي بجيٽ جو خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ پهرين جولاءِ 2024 کان نون ڀرتي ڪيل سرڪاري ملازمن کي ماهوار پينشن ڏيڻ بدران ريٽائرمينٽ وقت هڪ ئي ’گولڊن گريجوئٽي چيڪ‘ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان لاءِ نوان ڀرتي ٿيندڙ ملازم هر مهيني پگهار جو 10 سيڪڙو برابر رقم ۽ ملازمت ڏيندڙ ادارو 12 سيڪڙو رقم ملازم جي پينشن فنڊ ۾حصو ادا ڪندا. جيڪا رقم ملازم جي رٽائرمينٽ وقت ٺهندي اها کيس آخر ۾ ادا ڪئي ويندي ۽ ماهوار پينشن نه ملندي
شهدادپور
شهدادپور ۾ سنڌ ايمپلائيز ايسوسيئيشن جي سڏ تي ميونسپل ھاء اسڪول مين سنڌي پرائمري اسڪول سمس اسپتال سميت ھاء اسڪولن پرائمري اسڪولن ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي ملازمن پنهنجا جائز مطالبن جي مڄتا لاء ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري تالابندي ڪري ڇڏي. ميونسپل ھاء اسڪول ۾ گسٽا صدر گل بھار ڏاھري مين سنڌي پرائمري اسڪول ۾ پ ٽ الف صدر ھدايت اللہ خلجي جي اڳواڻي ۾ استادن سمس اسپتال ۾ عابد ثنا جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف روينيو ڪمپليڪس ۾ آل سنڌ روينيو ايمپلائيز يونين طرفان مختيار سريوال جي اڳواڻي ۾ ملازمن ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي ٻين صوبن جيان ڊي آر اي الائونس ڏنو وڃي. پينشن ريفسرمز واپس ورتو وڃي گروپ انشورنس ۽ ٻيا الائونس ڏنا وڃن. ھنن چيو ته ملازمن جي جائز مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو.
لکي غلام شاھ
لکي غلام شاھ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي لکي غلام شاھ ۾ سمورا سرڪاري ادارا مڪمل طور بند رهيا، اسپتالن کان اسڪولن تائين عملي ڪم معطل رهيو. تعلقه اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر خادم ڀٽي، ڊاڪٽر عبدالسميع ميمڻ، ڊاڪٽر نائلا شيخ، ڊاڪٽر سنديپ ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ ڊي آر اي الائونس فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته پينشن مان ٿيندڙ ڪٽوتي فوري ختم ڪئي وڃي. ٻئي طرف، بوائز ۽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪولن ۾ به پ ٽي الف ۽ SEA جي اڳواڻ غلام رسول مهر، استاد عبدالقادر منگي، استاد حبيب الله ميمڻ، استاد هدايت الله مهر، سائين مختيار علي عباسي، اسدالله منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسڪولن جا دروازا بند ڪري احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي پ ٽي الف سنڌ جي صدر غلام رسول مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا، ته ڇهين تاريخ تي بلاول هائوس اڳيان “دما دم مست قلندر“ ڪيو ويندو. استادن ۽ ملازمن جو چوڻ هو ته حق ملڻ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.
نوشهرو فيرورز
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي گورنمينٽ مدرسه اينڊ ڪئمپس هاءِ اسڪول نوشهرو فيروز جي مڪمل تالابندي ڪري ڌرڻو هنيو ويو. الائنس جي اڳواڻن گسٽا جي ضلع صدر محمد پريل ڪاڪيپوٽو، گوواز جي محمد رمضان مڱڻيجو، پ ٽ الف جي عبدالستار پٺاڻ، جاويد احمد وسطڙو، عبدالقيوم ميمڻ، سيد توصيف شاھ ۽ ٻين خطاڀ ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت، سنڌ جي ملازمن سان وڏي ويساھ گهاتي ڪري رهي آهي. سروس رولز تحت ملازمن سان معاهدو آهي ته کين سمورا حق ڏنا ويندا پر پئنشن ريفارمز آڻي ملازمن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جي سازش سٽي ويئي آهي جيڪا اسان ڪڏهن ڪامياڀ ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ احتجاج ڪاري قانون جي خاتمي تائين جاري رهندو. هنن چيو ته 27 سيپٽمبر تائين مڪمل تالابندي رهندي ۽ ڪم بند رهندو، بعد ۾ مرڪز جيڪو فيصلو ڪندو ان تي مڪمل عمل ڪيو ويندو.
گلاب لغاري
گلاب لغاري ۾ سنڌ حڪومت جي ملازم مخالف پاليسين خلاف سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي پ ٽ الف ماتلي جي صدر عمران العظيم لغاري ۽ گسٽا جي اڳواڻن گل محمد زئونر ، سسپا اڳواڻ عبدالستار لغاري، اياز لغاري صاحب خان لغاري جي اڳواڻي ۾ اسڪولن ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري تالابندي ڪرڻ بعد استادن پاران ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مطالبن وارا پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي استاد اڳواڻن احتجاج ڪندي اعلان ڪيو ته سڀاڻي ٿيندڙ بلديات جي ضمني چونڊن ۾ بائيڪاٽ سبب ڪو به استاد ڊيوٽي نه ڪندو.هنن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت ملازمن سان نا انصافي ڪري رھي آھي جنهن لاء سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.










