اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريويو ڪميٽي کي ماهه رنگ بلوچ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عدالت لا آفيسرن کي حڪم ڏنو آهي ته عدالتي حڪمن تي عمل يقيني بنايو وڃي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ماهه رنگ بلوچ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار طرفان عطاءُالله ڪنڊي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو. انهي کان اڳ ماهه رنگ بلوچ جي ڪيس جي پيروي ايمان مزاري ايڊووڪيٽ ڪري رهي وڪيل عطاءُالله ڪنڊي چيو ته پٽيشنر کي 7 آڪٽوبر تي آمريڪا وڃڻ کان روڪيو ويو، پهريان پي سي ايل ۽ پوءِ اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪيو ويو. اسان ريويو ڪميٽي کي سفري پابندين جي فهرست مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ڏني آهي. وڪيل استدعا ڪئي ته ريويو ڪميٽي کي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ وقت جو پابند ڪيو وڃي.چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ريمارڪس ڏنا ته اسان 30 ڏينهن ۾ درخواست تي فيصلو ڪرڻ جي ڊائريڪشن ڏئي ٿا ڇڏيون. عدالت ريويو ڪميٽي کي ماهه رنگ بلوچ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.










