ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪار ميڪال ذوالفقار جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به ٻي شادي ڪرڻ جو ناهي سوچيو. ميڪال ذوالفقار تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ ماهان جي نالي سان شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اهو به ٻڌايو ته هن طلاق کانپوءِ اڃا تائين ٻي شادي ڇو نه ڪئي آهي. ٻي شادي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان هاڻي شادي بابت نه سوچيان ڇو ته مون کي ٻار آهن ۽ مان پرامن آهيان،اداڪاره چيو ته منهنجي پيءُ به مون کي ٻي شادي ڪرڻ جو مشورو ڏنو هو،کلندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي پيءُ مون کي تڏهن ٻڌايو هو جڏهن مان آمريڪا ويو هوس ته اتي هڪ عورت ڳوليان،ياد رهي ته ميڪال ذوالفقار 2010ع ۾ ماڊل ساره ڀٽي سان شادي ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ کيس 2 ڌيئرون پيدا ٿيون.










