جيسين جيئرو آهيان چورن خلاف جهاد ڪندو رهندس:خان

جيسين جيئرو آهيان چورن خلاف جهاد ڪندو رهندس:خان

چارسده(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هن ڀيري راڻا ثناءُ الله، شريف مافيا بچي نه سگهندي ۽ نه ئي تشدد ڪندڙ پوليس بچندي،چارسده ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اسان تي آمريڪن جي امپورٽ حڪومت مسلط ڪئي وئي آهي، آمريڪا جي هنن چور ۽ غلامن کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين مان جيئرو آهيان تيستائين انهن چورن خلاف پنهنجي جدوجهد ۽ جهاد ختم نه ڪندس.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هاڻي هڪ هڪ شيءِ تيار ڪنداسين، سپريم ڪورٽ چيو هو ته تي پرامن احتجاج ڪريون، شهباز شريف، حمزا ۽ راڻا ثناءَ کي ٻڌي ڇڏيو ته اسان عدالتون وينداسين توهان تي ڪيس ڪرائينداسين،، مرد گهرن ۾ ويا ۽ عورتن کي پڪڙيو. هن چيو ته هنن گوليون استعمال ڪيون جيڪي ڪنهن به ملڪ ۾ شهرين خلاف استعمال ناهن ٿيون، سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪنداسين ته اسان کي پرامن احتجاج جو حق ڏنو وڃي، جيڪڏهن اسان کي حق نه ڏنو ويو ته حق کسينداسين.پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان عمران خان چيو ته حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته تصوير سامهون آئي آهي ته پهريون ڀيرو پاڪستاني وفد اسرائيل ويو، هي ماڻهو ڀارت سان سمجهوتو ڪري ڪشميرين کي وڪڻندا، هي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارا آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اسان کي غلام بڻائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان حقيقي آزادي جي جدوجهد کي جهاد سمجهون ٿا، جيتوڻيڪ هنن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا 35 هزار شيل فائر ڪيا پر عورتون ۽ ٻار ٻاهر نڪري آيا، کين ڄاڻڻ گهرجي ته هي اها قوم ناهي جيڪا ڳوڙها آڻيندڙ گئس کان ڊڄي،عمران خان ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان سڀ ڏسي چڪا آهيون رنڊڪ ڪٿي آهي، آنسو گيس جا فائر ڪير ڪيا، ظالم ڪير هئا ۽ پوليس وارا ڪير هئا، سي سي پي او، ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور، پنڊي، آءِ جي پنجاب، آءِ جي اسلام آباد تي تشدد ڪندڙ جوابدار آهن. اسان، هر هڪ جي تصوير منهنجي اکين اڳيان آهي، اسان نه ڇڏينداسين، تنهنجو وقت ايندو. هن چيو ته نه هي شريف مافيا بچي سگهندي ۽ نه وري پوليس وارا.

پهنجو تبصرو موڪليو