مانجهي فقير کي بنيادي حق نه ملڻ خلاف صوفي فنڪارن جو احتجاج

مانجهي فقير کي بنيادي حق نه ملڻ خلاف صوفي فنڪارن جو احتجاج

ميهڙ (غلام حسين پنھور) سنڌ جي نامياري صوفي راڳي مانجهي فقير کي بنيادي حق نه ملڻ خلاف ميهڙ ۾ مانجھائي تنظيم پاران فنڪارن، سازندن، صوفي فنڪارن، صوفي خالد حسين ڀٽي ، صوفي  امتياز مانجهائي، صوفي نويد، صوفي طارق، صوفي جنسار، صوفي جاويد، صوفي اصغر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته صوفي مانجهي فقير گذريل ڪجهه مهينن کان بنيادي حق نه ملڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو آهي سندس جي ڳوٺ ۾ نه روڊ، نه اسپتال، نه اسڪول ۽ نه ئي ڪا ٻي سهولت آهي ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي فنڪارن ۽ سازنڊن سان گڏ احتجاج لاءِ نڪتا آهيون. هنن چيو ته مانجهي فقير سنڌ جو ناليوارو صوفي راڳي آهي جنهن کي هر هنڌ ٻڌو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي پر صوفين کي اهي بنيادي حق نه ٿا ڏنا وڃن. هنن وزير اعليٰ سنڌ، ثقافت جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مانجهي فقير جي احتجاج جو نوٽيس وٺي کيس بنيادي سهولتون ڏئي سندس سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو