مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار مقرر ڪرڻ جي سفارش

مالي سال لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار مقرر ڪرڻ جي سفارش

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊوالپمينٽ اڪنامڪس ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگهار 45 هزار روپيه مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.انهي حوالي سان پائيڊ شاهدين تي ٻڌل فريم ورڪ تجويز ڪري ڇڏيو جنهن جي تحت مالي سال 2026-27 جي لاءِ قومي سطح تي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 45 هزار روپيه مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.پائيڊ موجوده گهٽ ۾ گهٽ پگهار 40.000 هزار روپين جي مقابلي ايندڙ مالي سال لاءِ 12.5 سيڪڙو اضافو تجويز ڪيو آهي. پائيڊ جي رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي پاليسي هاڻ صرف ليبر ڊپارٽمينٽ تائين محدود جو معاملو ناهي رهي. پر اها گهريلو خريداري قوت، غربت جي خدشن، غير رسمي روزگار، مقامي طلب، پيداواري ترغيبات ۽ گڏيل سماجي استحڪام تي سڌو سنئون اثر انداز ٿيندي آهي.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2026 جي جولاءِ کان اپريل تائين جي عرصي ۾ افراط زر 6.19 سيڪڙو رهي ۽ اپريل 2026 ۾ سال به سال افراط زر 10.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو