اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڳڻپ کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جا ماهوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب مارچ مهيني ۾ مهانگائي 3.72 سيڪڙو وڌي.ڳڻپ کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مهانگائي جي مجموعي شرح 35.37 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ مهانگائي 27.26 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.ڳڻپ کاتي موجب گذريل مالي سال مارچ ۾ مهانگائي 12.7 سيڪڙو هئي، هلندڙ سال مارچ ۾ شهرن ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو وڌي، شهرن ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 33 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.ان کانسواءِ مارچ ۾ ٻهراڙين ۾ مهانگائي 3.5 سيڪڙو وڌي ۽ اتي مهانگائي جي مجموعي شرح 38.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.










