مارٽن گپٽل جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

مارٽن گپٽل جو انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

آڪلينڊ (ويب ڊيسڪ)نيوزي لينڊ جي اوپنر مارٽن گپٽل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ڪرڪيٽ نيوزي لينڊ جو چوڻ آهي ته مارٽن گپٽل 47 ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ جي نمائندگي ڪئي.ڪرڪيٽ نيوزي لينڊ جي سي اي او اسڪاٽ وينڪ چيو آهي ته مارٽن گپٽل مختصر فارميٽ ۾ بهترين بيٽسمينن مان هڪ آهي. نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم جو چوڻ آهي ته مارٽن گپٽل هڪ ميچ ونر رانديگر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو