ماحولياتي تحفظ واري اداري جي انچارج جو ٻارن جي اسپتال جو دورو

نواب شاھه (ن س) ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ريجنل انچارج پاران ٻارن جي اسپتال جو اوچتو دورو اسپتال جو ڪچرو ساڙڻ ۽ صفائي جي خراب صورتحال تي سيپا جو سخت نوٽيس تفصيل موجب صوبائي وزير ماحوليات، موسمي تبديلي، ساحلي ترقي، بورڊز ۽ يونيورسٽيز محمد اسماعيل راهو ۽ ڊائريڪٽر جنرل سيپا نعيم احمد مغل جي هدايتن تي ريجنل انچارج سيپا گل امير سنبل پنهنجي ٽيم سان گڏجي ماءَ ۽ ٻار جي صحت مرڪز نواب شاھه جو دورو ڪري صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي سيپا جي ريجنل انچارج گل امير سنبل چيو ته اسپتال جي دوري جي موقعي تي اسپتال جي طبي ڪچرو ختم ڪرڻ واري مشين (انسزيٽر)نه هئڻ ڪري ڪچرو روڊ تي ساڙيو پيو وڃي جڏهن ته اسپتال جي وارڊن مان نڪرندڙ ڪچرو پڻ منع ٿيل جڳهن تي اڇلايو پيو وڃي جنهن سبب بيماريون ڦهيلجي رهيون آهن هن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ صفائي جي خراب صورتحال تي سيپا ٽيم پاران اسپتال انتظاميه کي نوٽيس جاري ڪرڻ لاءِ اعلى عملدارن کي سفارش موڪلي آهي ته جئين اسپتال انتظاميه فوري طور تي انسزيٽر مشين لڳائي طبي ڪچري ساڙڻ سان نڪرندڙ زهريلي گيسن کان ماحول ۽ آسپاس واري آبادي کي بچائي سگهجي هن وڌيڪ چيو ته پوري ريجن ۾ تمام سرڪاري ۽ نجي اسپتالن کي مختلف وقتن تي هاسپيٽل ويسٽ مينجمينٽ رولز 2014 جي پاسداري لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا جڏهن ته ڪافي اسپتالن خلاف ڪاروائي پڻ ڪئي وئي آهي هن سمورين ميڊيڪل سينٽرن ۽ اسپتالن جي مالڪن کي هدايت ڪندي چيو ته سيپا ايڪٽ 2014 جي مطابق ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ عمل ڪن ٻي صورت ۾ انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو