ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻن شهرن ٺري ميرواهه ۽ ماتلي ۾ ڌار ڌار پيش آيل روڊ حادثن ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ٺري ميرواھ ۽ سئي گيس لنڪ روڊ تي ويگن ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ راجا علي ولد نيڪ محمد گمبٽ جي ڳوٺ ڪمال ديرو سعادي جو رهواسي شديد زخمي ٿي پيو. ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کيس خيرپور اسپتال داخل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. هوڏانهن ماتلي جي شيش ميل اسٽاپ وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 22 ورهين جو نوجوان چيتن پٽ هرجي ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو . اطلاع تي ماتلي پوليس لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو ۽ وارثن کي اطلاع ڏنو. فوتي ڳوٺ سونهاري خاصخيلي جو رهواسي آهي. پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.










