لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو،ڇهه اهلڪار شهيد

لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو،ڇهه اهلڪار شهيد

لڪي مروت(ويب ڊيسڪ)لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي دهشتگردن جي حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس موجب لڪي مروت ۾ هفتيوار ميلي جي موقعي تي پوليس موبائل سيڪيورٽي لاءِ وڃي رهي هئي ته دادي والا ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن موبائل تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 6 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ موبائيل فون جو ڊرائيور ۽ ڊيوٽي انچارج اي ايس آءِ به شامل آهي، جڏهن ته شهيدن جي سڃاڻپ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر عالم دين، ڪانسٽيبل پرويز احمد، جي نالن سان ٿي آهي. دل جان، عبدالله ۽ محمود نالن سان ٿيو. ڊي پي او موجب واقعي کانپوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لڪي مروت تي حملي جي مذمت ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته قوم مادر وطن لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ پٽن کي سلام پيش ڪري ٿي، دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن، پورو ملڪ انهن جي خلاف سیسه پلاءَ جي ڀت بڻجي بيٺو آهي، پوليس دهشتگردي خلاف ون گارڊ جو قابل فخر ڪردار ادا ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو