لڏي وڃو، بُلن جو وزير چاچڙ جي گهر تي حملو 3 زخمي

لڏي وڃو، بُلن جو وزير چاچڙ جي گهر تي حملو 3 زخمي

سوسائٽي/عادلپور( غلام رسول مھر/اسلم مھر )جان محمد سوسائٽي ويجھو مال جي ڀيل تان بلا برادري ۽ چاچڙ برادري ۾ جھيڙو ،بلا برادري جي ماڻھن جو ڪانڍ ڪري وزير چاچڙ جي گھرن تي حملو ڪري  عورتن سميت مردن تي تشدد ڪرڻ بعد  گھر ۾ پيل  قيمتي سامان روڪ  رقم ۽ ڳئون ڪاھي فرار ٿي ويا.چاچڙ برداري جي فصل ۾ بُلن جو مال گھرڻ تان روڪڻ تي بلا برادري جا ماڻھون لٺيون ۽ ڪهاڙيون ساڻ ڪري چاچڙ برادري جي گهرن مٿان حملو ڪيو. متاثر ڌر ٻڌايو ته عورتن ۽ مردن کي يرغمال ڪري گهر ۾ پيل سامان روڪ رقم گهر اندر بيٺل ڳئون ڪاهي اسان جي 3 نوجوانن کي لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو.

ابراهيم ڇاڇڙ بُلن جي حملي خلاف ميڊيا آڏو دانهيندي، فوٽو سنڌيار

بُلا برادري جو چوڻ آهي ته سندن هڪ ماڻهو طالب زخمي آهي. جنهن بابت وزير چاچڙ چيو ته بُلا هٿ سان زخم ڪري ڊرامو ٿاڪن. ٻنهي ڌرين عادلپور ٿاڻي تي رپورٽ ڪيو ۽ عادلپور ٿاڻي وارن ضمير چاچڙ ۽ طالب بلو کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو. وزير چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين ڏهن سالن کان ويٺل آهيون هاڻي بُلا چون ٿا لڏي وڃو، ڌنار اڌ رات جو مال کولي ٿا ڇڏين ۽ مال جي ڀيل سبب ٻيلي کاتي جا پوکيل ڪچڙا وڻ به تباهه ٿي ويا آهن. منع ڪرڻ تي گاريون ٿا ڏين، اڳ ۾ به چاچڙن جي هڪ گهر کي باهه ڏئي کيس لڏائي چڪا آهن. ٽيوب ويل پٽي ويا آهن ۽ چوريون به ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته اسانجا 3 ڄڻا زخمي آهن جن مان ضمير چاچڙ گهوٽڪي اسپتال ۾ داخل آهي. چاچڙ برداري جي مردن  ۽ عورتن بُلا برادري  خلاف احتجاج ڪندي چيو ته اسان وزير اعليٰ سنڌ آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ايس ايس پي گهوٽڪي سميت وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو آهي رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪاروائي ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو