لُنڊ، بوزدار تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 62 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر

لُنڊ، بوزدار تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور 62 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر

ميرپورماٿيلو(ظھير وسير) لنڊ بوزدار تڪرار جو نبيرو صاحب خان لنڊ ۾ فياض خان لنڊ جي سر پئنچي هيٺ ٿي گذريو، ٻنھي ڌرين جي مجموعي 4 خونن جو ۽ زخمي جا 62 لک 25 هزار ڏنڊ مقرر، لنڊ برادري جي قتل ٿيل 2 ڄڻن جو عيوضو 15، 15 لک مقرر، بوزدار برادري جي قتل جو عيوضو 10 لک، هڪ واٽھڙو قتل ٿيل ملڪ برادري سان واسطو رکندڙ جو عيوضو 11 لک ڏنڊ، هڪ زخمي جو 1 لک، ڦر واقعي ۾ زخمي ٿيل 2 ڄڻن جا ساڍا 4 لک، سرداري ڏنڊ پنج لک مقرر ڪيا ويا. لنڊ سردار 5 لک بوزدارن کي بخش ڪيا، موٽرسائڪل جا 25 هزار ۽ 1 لک سرادرن جي نوڪر کي قتل ڪرڻ جا مقرر ڪيا ويا. بوزدار طرفان 10 لک موقعي تي لنڊ سردارن کي ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي. فيصلي ۾ لنڊ برادري طرفان سردار فياض خان لنڊ، نظير احمد لنڊ ۽ عبدالرب پتافي شريڪ ٿيا. بوزدار برادري طرفان رحيم بخش خان بوزدار، عبدالرحيم خان گبول ۽ هزار خان بوزدار شريڪ ٿيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو