ايل ايڇ ويز کي ريگيولر ڪرڻ جو ڪيس، وڪيل تبديل ڪرڻ جي هدايت

ايل ايڇ ويز کي ريگيولر ڪرڻ جو ڪيس، وڪيل تبديل ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ريگيولر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ملتوي ڪري ڇڏي.جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي ريگيولر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت درخواستگذار ليڊي هيلٿ ورڪر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو وڪيل ڪٿي آهي؟ بشریٰ آرائين جواب ڏنو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا وڪيل نه اچي رهيا آهن پر مان پنهنجي درخواست ۾ پاڻ عدالت ۾ پيش ٿي آهيان، مهرباني ڪري منهنجي درخواست تي ٻڌڻي ڪريو،جسٽس امين الدين خان چيو ته سموريون درخواستون گڏ ٻڌيون وينديون.جسٽس محمد علي مظهر هدايت ڪئي ته توهان پنهنجو وڪيل تبديل ڪيو.عدالت ليڊي هيلٿ ورڪرز جو وڪيل نه هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو