ليجنڊ گلوڪاره مهناز جي ستين ورسي ملهائي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊ گلوڪاره مهناز جي اڄ 7هين ورسي ملهائي پئي وڃي. 4 ڏهائين تائين آواز جو جادو جڳائيندڙ گلوڪاره مهناز بيگم سن 1955 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي. مهناز جو اصل نالو ڪنيز رضا هيو هو برصغير جي معروف مغنيه ۽ سوزخوان ڪجن بيگم جي نياڻي هئي ان ڪري هن بچپن کان ئي گلوڪاري سان عشق رکيو. مهناز سر سيد گرلز ڪاليج کان بي اي ڪيو سن 1972 ۾ باقاعده طور فن موسيقي ۾ قدم رکيو، ٽيليويزن تي ڳائڻ کان پوءِ ان جي شهرت فلم اسڪرين تائين پهچي وئي. ان کان علاوهه مهناز ريڊيو، ٽي وي ۽ فلم ۾ پنهنجي سريلي آواز ذريعي ڪيترن ئي گيتن کي سڃاڻپ ڏني.

مهناز مجموعي طور تي 1500 کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪرايا ان حوالي سان هو خوشقسمت به رهي ڇاڪاڻ ته هن کي شروعات ۾ ئي معروف موسيقار نثار بزمي، روبن گهوش، سهيل رانا، وجاهت عطري سميت ٻين ناليوارن موسيقارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. مهناز بيگم وڏي عرصي کان بيمار هئي انتقال کان 2 اڳ تائين ڪراچي ۾ رهي جنهن کان پوءِ هو 19 جنوري 2013 تي آمريڪا جو سفر ڪيو ۽ پرواز دوران ئي ان جي حالت خراب ٿئي وئي ان کي بحرين جي هڪ اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو جتي هو پنهنجي مداحن کان هميشهه لاءِ وڇڙي خالق حقيقي سان وڃي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو