لوڌران (ويب ڊيسڪ) لوڌران ۾ آدم واهن ويجهو تيزگام ٽرين حادثي ۾ 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون.ڊپٽي ڪمشنر موجب حادثي ۾ 25 مسافر زخمي ٿيا، 17 مسافرن کي ابتدائي طبي امداد کانپوءِ فارغ ڪيو ويو.حادثي ۾ 8 زخمين جي حالت نازڪ آهي ۽ انهن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته امدادي ڪارروائي جاري آهي.اسٽيشن ماسٽر چيو ته تيزگام کي 5 بوگين سان ڪراچي موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ڊائون ٽريڪ تي ڪراچي ويندڙ ٽرينن کي لوڌران اسٽيشن تي روڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ملتان ۽ سما سٽا اسٽيشنن تان امدادي ٽرينون طلب ڪيون ويون آهن.ريلوي ترجمان موجب حادثي کان متاثر ٽريڪ جلد بحال ڪيو ويندو.










