لنڊي واھ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

گهوٽڪي(رپورٽ لالچند موٽواڻي(گهوٽڪي ضلعي جي اڪثر واهن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ  سبب آبادگارن جو سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل سڪڻ لڳو مومل جي ماڙي جي لنڊي واھ جي سوين آبادگارن جو لنڊي واھ پل تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سخت احتجاج نعري بازي  آبپاشي عملي تي پاڻي وڪرو ڪرڻ جو الزام هنيو ان موقعي تي آبادگار لياقت بوزدار  عبدالرحيم ٻرڙو ارشاد مهر  الله بخش شيخ هدايت الله ڪلادي منان ڀٽو اسد بوزدار عيدن ڪلادي ثناء الله ڀٽو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي جي اڪثر واهن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي , جڏهن ته ماٿيلو مومل جي ماڙي ۾ لنڊي واھ ۾ ڪيترن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي , هنن چيو ته لنڊي واھ تي مقرر داروغو رمضان چاچڙ بااثرن کي رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي , هنن چيو ته رمضان چاچڙ هڪ ڪرپٽ عملدار آهي  هن جي اچڻ سان آبادگارن کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي  هو بااثرن کي رشوت عيوض لنڊي واھ تي دڪا ۽ پکا هڻائي ڇڏيا آهن  هنن چيو ته لنڊي واھ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب اسان جا فصل سڪي رهيا آهن  جنهن ڪري اسان ڪنگال بڻجي ويا آهيون ان موقعي تي آبادگارن سنڌ سرڪار آبپاشي کاتي  سيڊا ڊاريڪٽر سميت ڊي سي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪرپٽ داروغي رمضان چاچڙ کي هٽائي لنڊي واھ ۾ پاڻي ڏيئي آبادگارن کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو