لنڊن برج حملي جو ملزم پاڪستاني نزاد عثمان خان آهي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ خوف جي علامت بڻيل لنڊن حملي جي ملزم جي سڃاڻپ عثمان خان طور ٿي آهي جيڪو برطانوي ڄائو پاڪستاني آهي. ملزم 2012 ۾ ڪرسمس جي موقعي تي بم ڌماڪن جي منصوبه بندي جي ڏوهه ۾ جيل به ڪاٽي چڪو آهي. هن گذريل ڏينهن ٽن ڄڻن کي چاقو هڻي زخمي ڪيو هو جن مان 2 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.  جنهن بعد لنڊن برج تي سيڪورٽي فورسز کيس چيلينج ڪيو ۽ مزاحمت تي قتل ڪري ڇڏيو هو. عثمان خان جو تعلق لنڊن جي علائقي اسٽريفرڊ سان آهي پوليس مختلف جاين تي ڇاپا هڻي رهي آهي ۽ شڪ جي بنياد تي سندس ساٿين کي حراست ۾ ورتو پيو وڃي. لنڊن جي اسسٽنٽ پوليس ڪمشنر نيل باسو جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته 28 سالن جو عثمان خان لنڊن ۾ ڄائو ۽ هو القائده کان متاثر هو. هنن اڳ ۾ لنڊن جي اڳوڻ ميئر بورس جانسن، ٻن يهودي مذهبي پيشوائن، اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ آمريڪي سفارتخاني ۾ حملي جو منصوبو ٺاهيو هو ۽ بمبئي حملي جي طرز تي حملي جي منصوبه بندي ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو